ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا ۽ پروڊيوسر اينجلين ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪينسر ۾ مبتلا آهي.اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي انڪشاف ڪيو ته هوءَ ڪينسر ۾ مبتلا آهي.اداڪارا پنهنجي اڪائونٽ تي پنهنجو مٿو ڪٽائيندڙ تصوير شيئر ڪئي ۽ چيو ته هوءَ ڪينسر جي خطرناڪ بيماري سان وڙهي رهي آهي ۽ ڪيموٿراپي ڪرائي رهي آهي.اداڪاره پوسٽ ۾ اهو به ذڪر ڪيو ته هن ڪينسر جي تشخيص ٿيڻ جي باوجود پنهنجو زيورن جو برانڊ پڻ شروع ڪيو آهي.تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره پنهنجي زيورن جي نمائش ڪندي نڪ ۾ انگوزي ۽ هار پائي رهي آهي.اداڪاره جي هن پوسٽ کان پوءِ نه رڳو سندس مداح پر شوبز انڊسٽري جا ستارا به سندس صحتيابي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن.