اسلام آباد: مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ زنده بچي ويل 8 پاڪستاني ملڪ واپس پهچي ويا آهن. رپورٽ موجب مراڪش/اسپين ٻيڙي حادثي ۾ خوش قسمتي سان زنده بچي ويل 8 پاڪستاني پنهنجي ملڪ واپس پهچي ويا آهن، جن کان اختيارين طرفان تفصيل معلوم ڪيا پيا وڃن.
پاڪستان واپس ايندڙ مسافرن جي سڃاڻپ محمد افضل، محمد عديل، عرفان احمد، ارسلان، غلام مصطفيٰ، بدر محي الدين، مجاهد علي ۽ تصوير احمد جي نالي سان ٿي جن مان 2 جو تعلق شيخوپوره، 2 جو سيالڪوٽ، 2 جو منڊي بهاءُالدين جڏهن ته 2 جو گجرات ۽ جهلم سان آهي.
مسافرن جون عمرون 21 کان 41 سالن جي وچ ۾ آهن جيڪي فلائيٽ نمبر ڪيو آر 614 جي ذريعي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتا، اختيارين موجب گڏيل طور تي ٻيڙي حادثي ۾ زنده بچي ويل 22 ڄڻا پاڪستان پهچي چڪا آهن. غيرقانوني طريقي سان ويندڙ مسافر اسپين کان دبئي، سينيگال وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. شروعاتي جاچ موجب مسافرن ايجنٽن کان اسپين وڃڻ جي لاءِ لکين روپيه في ماڻهو ۾ معاملا طئي ڪيا ۽ ايجنٽن شهرين کي وزٽ ويزا تي دبئي، ايٿوپيا جنهن کان پوءِ سينيگال اماڻيو.
سينيگال کان ايجنٽن سمنڊ جي رستي شهرين کي اسپين اماڻڻ جي ڪوشش ڪئي، انهي دوران ايجنٽن طرفان متاثرين کي تشدد جو نشانو به بنايو ويو. اختيارين مسافرن کان ايجنٽن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي حوالي سان ڄاڻ به حاصل ڪري رهيا آهن. شروعاتي جاچ موجب ايجنٽن جو تعلق پنجاب جي مختلف علائقن سان آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته شهرين کي گذارش ڪئي وڃي ٿي ته پرڏيهه وڃڻ جي لاءِ هميشه لاڳاپيل ملڪ جي ايمبيسي سان رابطو ڪيو وڃي. پنهنجي ذاتي دستاويز ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن جي حوالي نه ڪريو ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عناصرن جي نشاندهي جي لاءِ ايف آءِ اي جون ويجهيون اختياريون وزٽ ڪنديون.