پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد:ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.واڌ کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 257.13 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 267.95 رپيا ٿي وئي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نئين قيمت اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔