ڪوئٽه: مري، گليات ۽ ليپه وادي ۾ برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو، گليات ۾ 4 کان 5 انچ برف پئجي چڪي آهي، مري ۾ به برفباري شروع ٿي وئي آهي.
ڊي جي گليات ڊوالپمينٽ اٿارٽي شاهه رخ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ايبٽ آباد گليات ڊوالپمينٽ اٿارٽي جو اسٽاف مري روڊ تي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ موجود آهي.
هيوي مشينري سان رستن کي ڪليئر ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته گليات ايندڙ سياح پاڻ سان گڏ گرم ڪپڙا گڏ آڻين، گاڏين کي روڊ جي ڪناري تي بيهارڻ بجاءِ محفوظ هنڌ تي پارڪ ڪن.
مري ۾ برفباري سان گڏوگڏ ٿڌيون هوائون لڳڻ جو به سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، مري ۾ ڪوهيڙي ۽ ڪڪرن وادي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آحي.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب مري ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو هو ته روڊ تي لوڻ هاريو پيو وڃي، هن انتظاميه کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سياحن جي رهنمائي لاءِ 13 سهولت مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.
مري جي سٽي ٽريفڪ پوليس هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته ڪوهيڙي دوران فوگ لائٽس جو استعمال ڪيو وڃي، مري وڃڻ کان اڳ موسم ۽ ٽريفڪ جي صورتحال جي جاچ ضروري آهي.
هوڏانهن ليپه وادي ۾ برفباري سبب زميني رابطو گادي واري شهر سان ڪٽجي ويو آهي، ليپه وادي ۾ هڪ فٽ کان وڌيڪ برف پئجي چڪي آهي جڏهن ته ڳوٺ ۾ چئن انچن تائين برفباري رڪارڊ ٿي چڪي آهي.
ليپه وادي ۾ برفباري ۽ رستن جي بندش سبب شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ليپه وادي ۾ برفباري جو سلسلو وڌيڪ 12 ڪلاڪن تائين جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.