15 مهينا اسرائيل سان جنگ کان پوءِ حماس ٻيهر غزه جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو

واشنگٽن: مشهور آمريڪي اخبار چيو آهي ته 15 مهينا اسرائيل سان جنگ کان پوءِ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ٻيهر غزه جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.

آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز چيو آهي ته سيز فائز شروع ٿيندي ئي حماس جي هٿياربند ويڙهاڪن جو روڊ تي اچڻ اهو پيغام هو ته هزارين ڪارڪنن جي شهادت، هٿيار ۽ سرنگن جي تباهي باوجود حماس ختم نه ٿي سگهي ۽ هن وقت  به اها غزه جي مضبوط ترين پارٽي آهي.

آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو حماس جي خاتمي جون صرف دعوائون ڪندو رهيو پر غزه جي لاءِ اهو ڪوبه متبادل پيش نه ڪري سگهيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزه جي اندر تباهه ٿيل عمارتن ۽ ٻئي انفرا اسٽرڪچر جي ملبي کي صاف ڪرڻ ۾ 21 سالن جو وقت لڳي سگهي ٿو، جڏهن ته ملبي جي صفائي تي 12 ارب ڊالر جي رقم خرچ ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف عيڊيا ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج غزه ۾ جنگبندي جي مسلسل ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن رفع ۾ ملبو صاف ڪندڙ ماڻهن تي اسرائيلي ڪواڊ ڪاپٽر(ڊرون) فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فلسطيني شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

انهي کان علاوه اسرائيلي فوجي ٽينڪ ڏکڻ غزه ۾ فائرنگ ڪري 2 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، انهي حوالي سان اسرائيلي فورسز جو چوڻ آهي ته  معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔