پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس: 4 بل منظور، پي ٽي آءِ جو احتجاج، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

اسلام آباد: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان واپاري تنظيمن جي ترميمي بل سميت 4 قانون منظور ڪيا ويا. پي ٽي آءِ ميمبر پلي ڪارڊز سان گڏ ايوان ۾  داخل ٿيا ۽ سخت احتجاج ڪيو ويو.

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ مقرر وقت جي هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، وزيراعظم شهباز شريف، ميان نوازشريف، بلاول ڀٽو زرداري، دفاع وارو وزير خواجه آصف، راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ ٻيا ايوان ۾ موجود رهيا. جڏهن ته بلاول ڀٽو اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ ايوان ۾ پهتو، پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل جا ميمبر به ايوان ۾ موجود هئا.

اپوزيشن ميمبرن اعتراض جي نڪتي تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري جنهن تي اسپيڪر اپوزيشن اڳواڻ کي مائيڪ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اپوزيشن گڏيل اجلاس کان احتجاج ڪندي پيڪا ايڪٽ نامنظور جا نعرا لڳايا. مائيڪ نه ملڻ تي اجلاس ۾ گرما گرمي ٿي، اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو، سيٽن تي بيهي نعريبازي ڪئي ۽ اسپيڪر جي ڊائس تي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون، انهي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.

اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ نعريبازي سبب گڏيل اجلاس جي ڪارروائي سخت متاثر ٿيڻ لڳي. قومي اسميبلي جي اسپيڪر هيڊ فون لڳائي ورتا. واپار واري وزير ڄام ڪمال واپاري تنظيمن جو ترميمي بل 2021 ۽ درآمدات، برآمدات ترميمي بل 2023 ايوان ۾ پيش ڪيا جنهن کي منظور ڪيو ويو.

سينيٽر منظور ڪاڪڙ نيشنل ايڪسيلنس اسنٽيٽيوٽ بل 2024 ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو جڏهن ته ايوان ۾ پيش ڪيل قومي اداري جي ٽيڪنالاجي بابت بل 20224 به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

گڏيل اجلاس ۾ ٽوٽل 8 بل پيش ڪيا ويا هئا جن مان 4 منظور ڪيا ويا جڏهن ته 4 روڪيا ويا، منظور ڪيل بلز ۾ واپاري تنظيمن جو ترميمي بل 2021، قومي اداري، ٽيڪنالوجي بل 2023، نيشنل ايڪسيلنس انسٽيٽيوٽ بل 2024، درآمدات، برآمدات ترميمي بل 2023 شامل آهي.

ملتوي ڪيل بلز ۾ قومي ڪميشن براءِ انساني ترقي ترميمي بل 2023، اين ايف سي ادارو انجنيئرنگ، ٽيڪنالوجي ملتان ترميمي بل 2023، نيشن اسڪلز يونيورسٽي  اسلام آباد ترميمي بل 2023 ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي  آرٽس، سائنس وٽيڪنالوجي اسلام آباد ترميمي بل 2023 بل شامل آهي.

جنهن کان پوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 12 فيبروري تائين ملتوي ڪيو ويو. اجلاس 18 منٽن تائين جري رهيو جڏهن ته 9 منٽن ۾ 4 بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔