قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڳالهين واري ڪميٽين جو چوٿون اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڳالهين واري ڪميٽين جو  چوٿون اجلاس 28 جنوري 2025 تي طلب ڪري ورتو آهي.

اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو جيڪو ڏينهن جو پوڻي 12 وڳي پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي ڪمري نمبر ۾ پنج ان ڪيمره ٿيندو.

ٻئي طرف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو هو ته ڳالهين جي بحالي تي ٻيهر غور ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ڪميشن جو اعلان ڪري، هاڻ ڪهڙي شيءَ هنن کي روڪيو آهي.

هن چيو ته عمران خان ڳالهين جي عمل کي في الحال روڪيو آهي انهي لاءِ حڪومت گهٽ ۾ گهٽ ايترو چئي ڇڏي ته ڪميشن بڻجي رهيو آهي.

ياد رهي ته اهو ڳالهين واري ڪميٽي جو چوٿون اجلاس هوندو جڏهن ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم حڪومت سان جاري ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

انهي حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي  چيو هو ته اڄ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان منهنجي ۽ ٻين وڪيلن جي ملاقات ٿي آهي، عمران خان اڳ به حڪومت کي 7 ڏينهن جو  وقت ڏنو هو. پي ٽي آءِ باني چيو هو ته اڄ جيڪڏهن حڪومت جو اعلان نه ڪيو ته اسان جون ڳالهيون ختم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔