سياري ۾ گهٽ پاڻي پيئڻ صحت لاءِ نقصانڪار

ڪجهه ماڻهو سيارو ايندي ئي پاڻي جو استعمال گهٽائي ڇڏيندا آهن پر صحتمند رهڻ لاءِ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ تمام ضروري آهي.
توڙي جو سياري ۾ اڃ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي ۽ ماڻهو پاڻي پيئڻ کي ايتري ترجيح ناهن ڏيندا پر ان سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
سياري ۾ گهٽ پاڻي پيئڻ جا نقصان:
جلد جي خشڪي: سياري ۾ هوا خشڪ هوندي آهي ۽ جيڪڏهن توهان گهٽ پاڻي پيئو ٿا ته جلد خشڪ ٿي سگهي ٿي.
هاضمي ۾ مسئلا: مناسب مقدار ۾ پاڻي نه پيئڻ سان هاضمي جي نظام تي اثر پئجي سگهي ٿو، پاڻي جي گهٽتائي سبب قبضي، گيس ۽ پٽ جي تڪليف جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
توانائي گهٽجڻ: پاڻي پيئڻ سان جسم ۾ توانائي برقرار رهي ٿي، جڏهن پاڻي جو استعمال گهٽ ٿيندو ته سستي ۽ ڪاهلي محسوس ٿيندي.
مدافعتي قوت ۾ گهٽتائي: مناسب مقدار ۾ پاڻي جسم جي مدافعتي نظام کي مضبوط رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو، گهٽ پاڻي پيئڻ سان مدافعتي نظام ڪمزور ٿي سگهي ٿو، جنهن سان توهان بيمارين جو شڪار ٿي سگھو ٿا.
تنهن ڪري سياري ۾ پاڻي جي مقدار نه گهٽائڻ گهرجي ۽ هر حال ۾ جسم کي هائيڊريٽ رکڻ جي ڪوشش ڪجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔