ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ وارن افواهن تي مهوش حيات ڀڙڪي پيئي

ڪراچي: اداڪاره مهوش حيات ڪورونا ۾ مبتلا هئڻ وارن افواهن کي رد ڪندي شوشل ميڊيا تي سختيءَ سان رد ڪيو آهي، جتي بغير تصديق جي ان ۾ وائرس جو افواهه ڦهلايو.

گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم جي ٽوئيٽر اڪائونٽ کان مهوش حيات جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ۾ جي خبر شيئر ڪندي چيو ويو آهي ته اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب اداڪاره مهوش حيات ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي، ان سان گڏ ان مهوش حيات لاءِ دعا جي پڻ اپيل ڪئي هئي.

مهوش حيات اهڙي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي ان خبر جي نه صرف ترديد ڪئي پر بغير ڪرڻ جي اهڙي خبر شيئر ڪرڻ تي ڀڙڪي پئي ۽ چيو ته  ڪورونا وائرس جي حوالي سان خبرون ڪوڙيون آهن، اميد ٿي ڪريان ته اسان جي ميڊيا ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري ۽ اهريون خبرون ڏيڻ کان پهرين ان جي پڪ ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔