ڪورونا کان نجات تي راحت فتح علي جو ڪلام رليز ٿي ويو

لاهور: سرن جي سلطان راحت فتح علي خان ڪورونا وائرس کان جنات لاءِ پنهنجو دعائيه ڪلام ” اي خدا همين بخش دي“ رليز ڪري ڇڏيو

دل کي ڇهندڙ ڪلام اي خدا همين بخش دي کي قمر علي واجد ناشاد لکيو آهي جڏهن ته ان جي موسيقي نويد علي هاشمي ترتيب ڏني آهي.

ان دعائيه ڪلام کي انٽرنيشنل ميوزڪ پروڊيوسر سلمان احمد پروڊيوس ڪيو آهي ۽ عالمي شهرت يافته گلوڪار استاد راحت فتح علي خان اي خدا مجهي بخش دي کي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرن ۾ ٻڏي ڳايو آهي.

ان ڪلام ۾ هن جي آواز جو جادو منڊيدڙ آهي، صوفياڻو، عارفاڻو ۽ دعائيه ڪلام هن اهڙيءَ طرح ڳايو آهي جو هن جو آواز سڌو دل ۾ لهي وڃي ٿو.

ياد رهي ته استاد راحت فتح علي خان ڪيترائي وڏا اعزاز پنهنجي نانءُ ڪيا آهن، راحت فتح علي خان ان گهراڻي ۾ اک کولي جو ڏکڻ ايشيائي روايتي موسيقي جي سڃاڻپ رکي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔