ريلوي جو نظام ڪرپٽ ٿي چڪو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان ريلوي ملازمن جي مستقلي بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ريلوي جو سسٽم ڪرپث ٿي چڪو آهي، ان ۾ يا ته زندگين جو نقصان ٿئي ٿو يا وري ڪروڙين روپين جو نقصان ٿئي ٿو.

سندس سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ريلوي ملازمن جي سروس جي مستقلي جي حوالي سان ڏنل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ريلوي جو سيڪريٽري پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريلوي جي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان جي وقت ۾ ريلوي جا ڪيترا حادثا ٿيا آهن، توهان کان ريلوي نه پيو هلي، ڇڏي ڏيو ريلوي کي، اڄ کان وٺي توهان ريلوي جا سيڪريٽري ناهيو، ٽيو ڏينهن جيڪو حادثو ٿيو هو ان جي ذميواري ڪنهن تي آهي.

چيف جسٽس جي ريمارڪس تي سيڪريٽري چيو ته آئون وفاقي ملازم آهيان ڪنهن ٻئي کاتي ۾ هليو ويندس.

ان تي جسٽس گلزار چيو ته ڪرسي تي ويهي ڪم ڪيون، فيلڊ ۾ وڃي پنهنجي ملازمن کي ڏسو، ريلوي جو نظام ڪرپٽ ٿي ويو آهي.

عدالت هڪ مهيني اندر ريلوي بابت آپريشن ۽ ملازمن جي تفصيلي رپورٽ گهري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔