ڪورونا سان فوتگين ۽ ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سان فوتگين ۽ ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اسان کي ڄاڻ هئي ته وقت سان گڏوگڏ ڪيسز ۽ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو.

وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اپوزيشن چاهي ٿي ته ڪورونا سان فوتگين ۾ اضافو ٿئي ته جئين حڪومت تي تنقيد ڪري سگهجي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪشمير اشو کي به بنياد بڻائي حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي هئي.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان سڀني کي خبر آهي ته لاڪ ڊائون سان غريب طبقي کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔