ايندڙ مالي سال لاءِ اڄ وفاقي بجيٽ پيش ٿيندي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت طرفان 34 سئو ارب روپين جي خساري کان وڌيڪ مجموعي طور 7600 ارب روپين تي ٻڌل ايندڙ مالي سال 21-2020 جي وفاق بجيٽ اڄ پيش ٿيندي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا خصوصي اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو به فيصلو ڪيو ويندو، عالمي مالياتي فنڊ  جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ ڪرنسي اسمگلنگ ۽ دهشتگردن جي مالي سهڪار کي روڪڻ لاءِ ڪائونٽر ٽيررزم انڊيڪس مينيجمينٽ سسم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس هدف 4950 ارب روپيا رکي سگهجي ٿو، خسارو 3427 ارب روپين کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي، وياج ۽ قرضن جي ادائيگي تي 3235 ارب روپيا خرچ هجڻ جو تخمينو لڳايو ويو آهي، بچاءَ جي لاءِ 1402 ارب روپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏئي سگهجي ٿي.

ذريعن موجب وفاقي بجيٽ ۾ پينشن لاءِ 475 ارب روپيا خرچ ٿيڻ جو امڪان آهي، وفاقي وزارتن ۽ کاتن لاءِ 495 ارب روپين جي بجيٽ رکي سگهجي ٿي، وفاق سبسڊي تي 260 ارب روپيا خرچ ڪري سگهجن ٿا، وفاقي حڪومت گرانٽس جي مد ۾ 820 ارب روپيا جاري ڪري سگهي ٿي، وفاق جي ترقياتي بجيٽ 650 ارب روپيا  رکي سگهجي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔