ڪراچي: سنڌ ڪابينا ۾ وزيرن جي قلمدانن ۾ هيٺ مٿانهين کان پوءِ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کان ايڪسائيز، نجمي عالم کان فشريز، لائيو اسٽاڪ ۽ محمد علي ملڪاڻي کان بورڊ اينڊ يونيورسٽي جو قلمدان واپس ورتو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مڪيش ڪمار ۽ بابل خان ڀيو ٻيهر سنڌ ڪابينه جو حصو بڻجي ويا. سنڌ جي وڏي وزير جي 3 ايڊوائيزرن ۽ 10 خاص مددگارن کي به قلمدان ڏنا ويا.
سنڌ ڪابينه ۾ وڏيون تبديليون ڪندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کان ايڪسائيز جو قلمدان واپس وٺي مڪيش ڪمار چاوله کي ايڪسائيز جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته محمد علي ملڪاڻي کان بورڊ اينڊ يونيورسٽي جو قلمدان واپس وٺي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جو وزير بنايو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ڪابينه ۾ دوست علي راهمون کي وزارت تان هٽائي صلاحڪار بنايو ويو آهي. جڏهن ته بابل خان ڀيو کي ٻيلي کاتي جو صلاحڪار مقرر هوندو. اهڙي طرح نجمي عالم کان فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جو قلمدان واپس ورتو ويو هاڻ اهو ڪچي آباد ۾ صلاحڪار مقرر هوندو.
نئين ڪابينه ۾ لال چند اڪراڻي، اسپيشل اسسٽنٽ اقليتي معاملا هوندو. سرفراز راڄڙ سوشل پروٽيفڪيشن جو مددگار هوندو، جڏهن ته قاسم نويد قمر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جو خاص مددگار هوندو.