آسٽريليا پاڪستان کي 13 رنز تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

سڊني : آسٽريليا لڳاتار ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 13 رنز تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي.پاڪستان جي پوري ٽيم 19.4 قاوورن ۾ آل آئوٽ ٿي وئي. 5 وڪيٽون وڍندڙ اسپينسر جانسن کي مين آفي دي ميچ قرار ڏنو ويو. پاڪستان جي اننگ رضوان ۽ بابر شروع ڪئي، بابراعظم 3 رنسون ٺاهي 12 جي مجموعي اسڪور تي زيوير بارٽليت جي بال تي نيٿن ايلس هٿان ڪيچ ٿيو، 17 جي اسڪور تي صاحبزاده فرحان 10 بالن تي 5 رنسونن ٺاهي اسپينسر جي بال تي زيوير هٿان ڪيچ ٿيو، محمد رضوان 26 بالن تي هڪ چوڪي جي مدد سان 16 رنسون ٺاهي اسپينسر جانسن جي بال تي ٽم ڊيوڊ هٿان ڪيچ ٿيو، سلمان آغا زيرو تي اسپينسر جي بال تي ڪيپر جوش انگلز هٿان ڪيچ ٿيو، 102 جي اسڪور تي هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 38 بالن تي 52 رنسون ٺاهي اسپينسر جي بال تي زيوير هٿان ڪيچ ٿيو. عباس آفريدي 4 رنسون ٺاهي اسپينسر جي بال تي ميٽ شارٽ هٿان ڪيچ ٿي ويو. شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ صفيان مقيم زيرو تي آئوٽ ٿيا، عرفان خان پاڪستان جي فتح جي اميد پيدا ڪئي پر وڪيٽ جي ٻئي اينڊ تي ڪو به سندس ساٿ نه ڏئي سگهيو، هن هڪ ڇڪي ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 22 بالن تي 31 رنس ٺاهي ناٽ ئوٽ رهيو. اسپينسر جانسن 5، ايڊم زيمپا 2 ۽ زيوير هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 148 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي.پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ميچ سڊني ۾ کيڏي پئي وڃي، آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون.آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪ فريزر ميڪ گرڪ، ميٿيو شارٽ جارحاڻي انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ شاهين آفريدي 21 رنسون ٺاهي پهرين اوور ۾ 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.حارث رئوف پهرين اوور ۾ جيڪ فريزر ميڪ گرڪ کي 20 رنسن تي ۽ پوءِ ڪپتان جوش انگلز کي چوٿين اوور ۾ صفر تي آئوٽ ڪري پاڪستان جون پريشانيون گهٽ ڪيون.پنجين اوور ۾ عباس آفريدي به ميٿيو شارٽ کي آئوٽ ڪيو، هو 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، گلين ميڪسويل 21 رنسون ۽ مارڪوس اسٽونز 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ٽم ڊيوڊ صرف 18 رنسون ٺاهي سگهيو.پاڪستان طرفان حارث رئوف 4، صفيان مقيم 2 ۽ عباس آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي.آسٽريليا گذريل ميچ ۾ پنهنجي کٽيندڙ ٽيم کي برقرار رکيو آهي جڏهن ته پاڪستان ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي آهي، حسيب الله جي جاءِ تي صفيان مقيم کي پلينگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جنهن 4 اوورن ۾ 21 ينسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، حارث رئوف 4 اوورن ۾22 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، عباس آفريدي 4 اوورن ۾ 17 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، نسيم شاهه 44 ۽ شهين آفريدي 39 رنسون ڏنيون پر کين وڪيٽ نصيب نه ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔