رباب هاشم لاڪ ڊائون دوران فٽ رهڻ لاءِ نئين دلچسپي ڳولي ورتي

لاهور: پاڪستاني اداڪاره رباب هاشم لاڪ ڊائون دوران فٽ رهڻ لاءِ نئين دلچسپي ڳولي ورتي آهي. رباب هاشم صحتمند ۽ فٽ رهڻ لاءِ سائيڪلنگ جي چونڊ ڪري ورتي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره رباب ٻڌايو ته سائيڪلنگ منهنجي لاءِ هڪ حيرت انگيز ۽ مزيدار تجربو آهي. رباب چيو ته منهنجو ڀاءُ تقريبن 2 مهينن کان مون کي سائيڪلنگ تي گڏ وڃڻ لاءِ زور ڏئي رهيو هو جنهن کان پوءِ مون سائيڪلنگ جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ هاڻ هن وقت ان مان تمام گهڻو مزو وٺي رهي آهيان.

اداڪاره چيو ته سائيڪلنگ دير سان شروع ڪرڻ تي ڏک ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هي پنهنجو پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ نهايت ئي زبردست ڪم آهي.

واضح رهي ته ڪورونا لاڪ ڊائون دوران ڪيتريون ئي اداڪارائون فٽ رهڻ لاءِ گهرن تي ئي ورزش ڪري رهيون آهن  جڏهن ته هو پنهنجي مداحن کي به بهتر مشورا ڏئي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔