سپريم ڪورٽ سرڪاري گهرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سرڪاري گهرن تي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ هائوسنگ واري وزارت کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سرڪاري گهرن تي قبضي بابت پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ سرڪاري گهرن تي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ هائوسنگ واري وزارت کي آخري مهلت ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم هئڻ جي باوجود هائوسنگ واري وزارت سمورن قبضا ڪندڙن کان سرڪاري رهائشگاهن کي خالي ناهي ڪرايو.

هائوسنگ واري وزارت جي رپورٽ اطمينان جوڳي ناهي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. ايندڙ ٻڌڻي تي هائوسنگ واري سيڪريٽري جي صحيح ٿيل رپورٽ ڏني وڃي. چيف جسٽس چيو ته آفيسرَ ذاتي رهائشگاهه هجڻ جي باوجود سرڪاري گهر الاٽ ڪرائي ٿا وٺن. ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن  گهر الاٽ ڪرائي ڀاڙي تي ڏئي ڇڏيا آهن.

ايڊيشنل سيڪريٽري هائوسنگ چيو ته 52 گهرن کي خالي ڪرائي محڪماڻي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس چيو ته سرڪاري گهرن تي اڃان به قبضا آهن. ماڻهو اسان کي هائوسنگ واري وزارت بابت شڪايتون موڪليندا رهندا آهن.

سرڪاري گهرن تي قبضن کي فوري طور تي پوليس وٺي خالي ڪرايو، سرڪاري رهائشگاهون صرف سرڪاري ملازمن لاءِ آهن. خانگي ماڻهن لاءِ نه. جيڪڏهن هائوسنگ واري وزارت سرڪاري رهائشگاهون خالي نه ڪرايون ته اوهان سڀني کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني ويندي. ٻن مهينن اندر ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪريو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔