پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار تيز ٿيڻ لڳا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ تيزي سان وڌڻ لڳو. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 13 هزار 702 تائين پهچي ويو. جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ 83 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 2 هزار 255 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 385 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 43 هزار 640، سنڌ ۾ 41 هزار 302، خيبرپختونخواهه ۾ 14 هزار 527، بلوچستان ۾ 7 هزار 31، گلگت بلتستان ۾ 974، اسلام آباد ۾ 5 هزار 963 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 444 ڪيس رپورٽ ٿيا.

سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 7 لک 54 هزار 252 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 799 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 36 هزار 308 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ئي ڏينهن ۾ 83 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 2 هزار 255 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 696، پنجاب ۾ 807، خيبرپختونخواهه ۾ 610، اسلام آباد ۾ 57، گلگت بلتستان ۾ 14، بلوچستان ۾ 62 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 9 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔