پارڪ لين ريفرنس: آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ ۾ ٻيهر واڌ

اسلام آباد: پارڪ لين ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 26 جون جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.

جعلي اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. پر ڪورونا وائرس سبب جيل مان جوابدارن کي نه آندو ويو. اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيا  جڏهن ته سندن وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالتي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي. احتساب عدالت جي جج اعظم خان چيو آهي ته عدالت جي ڪمري ۾ سماجي وٿي جو خيال رکيو وڃي جنهن تي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ڇا ڪريون وڪيلن جو انگ وڌيڪ آهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ريفرنس جون ڪاپيون جمع ڪرايون ويون آهن ان ڪري عدالت جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري. نيب جي وڪيل چيو ته اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي وڊيو بيان جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪورونا تمام گهڻو پکڙجي چڪو آهي. وڏي عمر وارا ماڻهو ڪورونا  مان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جون عمرون به 60 سال کان وڌيڪ آهن. ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته لاڪ ڊائون ڪيو وڃي. احتساب عدالت چيو ته جيڪي جوابدار نٿا اچي سگهن ته انهن جا وڊيو بيان رڪارڊ ڪري ٿا وٺون جنهن تي انور مجيد جي وڪيل لطيف کوسه چيو ته وڊيو بيان جي باوجود انور مجيد تي فرد جرم لاڳو نٿي ٿي سگهي.

لطيف کوسه چيو ته جيستائين جوابدار پاڻ عدالت ۾ پيش نه ٿئي تيستائين فرد جرم نٿي لڳائي سگهجي. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جڏهن عدالتي نمائندو اتي موجود هوندو تڏهن انور مجيد جي حاضري لڳي سگهي ٿي. نيب پراسيڪيوٽر چيو  ته پارڪ لين ڪيس ۾ سموريون گهرجون پوريون ٿي چڪيون آهن. فرد جرم جي تاريخ جلد مقرر ڪئي  وڃي ته جيئن ٽرائل اڳيان وڌي سگهي.

عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي اڄ جي عدالتي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي پارڪ لين ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ ٻين تي فرد جرم جي لاءِ 26 جون جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي جڏهن ته مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔