جعلي اين 95 ماسڪ وڪرو ڪرڻ تي چيني ڪمپني مٿان ڪيس داخل

واشنگٽن:  آمريڪا جعلي اين 95 ماسڪ وڪرو ڪرڻ تي چيني ڪمپني تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي انصاف واري کاتي ڪورونا کي روڪڻ جي لاءِ اپريل ۾ چيني ڪمپني کان خريد ڪيل تقريبن 5 لک اين 95 ماسڪ کي جعلي ۽ غير معياري قرار ڏئي ڪمپني تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي انصاف واري کاتي  نيويارڪ جي وفاقي عدالت ۾ داخل ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا چيني شهر گوانگ ڊونڪ جي هڪ ڪمپني کان ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ اين 95 ماسڪ جا 3 بيچز شپ جي ذريعي گهرايا جنهن ۾ ڪمپني ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي ته 4 لک 95 هزر 200 ماسڪ اين 95 جي معيار جا آهن.

آمريڪي انصاف واري کاتي وڌيڪ چيو آهي ته چيني ڪمپني هڪ ٻئي ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي ته هي ماسڪ آمريڪي نيشنل انسٽيٽيوٽ کان تصديق ٿيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔