سنڌ ۾ ڪورونا جا 1745 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا جا 1745 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ 41 هزار 303 ٿي ويو، ڪورونا سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 696 ٿي ويو، وڏي وزير چيو آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪرڻ سان صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، خدارا ايس او پي تي عمل ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي زندگي بچائڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 466 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 71 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته هيل تائين 20 هزار 711 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 19 هزار 201 گهرن ۾، 41 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 1461 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي. وڏي وزير موجب اڄ وڌيڪ 759 مريض ٺيڪ ٿي گهرن ڏانهن هليا ويا، هن وقت تائين صحتياب ٿيل مريضن جو تعداد 19 هزار 896 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته هڪ هزار 48 نئين ڪيسن ۾ ڪراچي مان 1184، سکر ۾ 101، حيدرآباد ۾ 48 ۽ گهوٽڪي ۾ 24 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ 22، بدين ۾ 18 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 17 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير موجب جيڪب آباد ۽ دادو ۾ 15، 15، ڄامشورو ۾ 14، شڪاپور ۾ 13، خيرپور ۾ 12 ۽ ڪشمور ۾ وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته سجاول ۽ عمر ڪورٽ ۾ 6، 6 ، قمبر ۾ 5، نوشهروفيروز ۾ 3، ميرپور خاص، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ۾ 2، 2، جڏهن ته سانگهڙ ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪرڻ سان صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، خدارا ايس او پي تي عمل ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي زندگي بچائڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔