زلمي خليل زاد پاران افغان امن عمل ۾ وزيراعظم ۽ جنرل باجوه جي ڪردار جي تعريف

اسلام آباد: افغانستان ۾ امن بابت آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد افغان امن ڳالهين واري عمل ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل  بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغان مفاهمتي عمل جي سفير زلمي خليل زاد 7 جون تي اسلام آباد جو دورو ڪيو. سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان  موجب زلمي خليل زاد پنهنجي پاڪستان جي دوري ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ انٽرا افغان ڳالهين وارو عمل شروع ڪرڻ جي قدمن جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون.

آمريڪي سفارتخاني ٻڌايو ته ملاقات ۾ انٽرا افغان ڳالهين کان اڳ تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي جو به جائزو ورتو ويو ۽ زلمي خليل زاد افغان امن ڳالهين ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪردار جي تعريف ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔