اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

اسلام آباد: اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وارثن ان جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان گذريل ڏينهن ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرايو هو جنهن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪجهه ميمبر وائرس وگهي فوت ٿي ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔