ريلوي وارو وزير شيخ رشيد به ڪورونا وائرس جو شڪار

اسلام آباد: ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.

ريلوي واري وزارت موجب شيخ رشيد ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جنهن جو نتيجو پازيٽو آيو آهي پر کيس ظاهري طور تي ڪورونا جي ڪابه نشاني ظاهر ناهي ٿي.

ريلوي واري وزارت ٻڌايو آهي ته شيخ رشيد ڊاڪٽرن جي هدايتن  موجب ٻه هفتا سيلف قرنطينه ۾ رهندو.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن,

جڏهن ته ڪجهه موذي وائرس سبب فوت به ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔