ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ برسات جو امڪان

اسلام آباد:  پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ ڏينهن جي وقت موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. جڏهن ته شام کان پوءِ پوٽهوهار، مٿانهين خيبرپختونخواهه، اسلام آباد، ڪشمير ۽ ان جي لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

گذريل ڏينهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهيو پر پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، اتر اوڀر بلوچستان، اسلام آباد ۽ ڪشمير ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پئي. ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تيز هوائون هلڻ کان علاوه مختلف هنڌن تي  برسات به پئي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب جي ضلعن جهلم ۾ 14 ملي ميٽر، منڊي بهاءُالدين ۾ 04 ملي ميٽر، اسلام آباد ۾ 07 ملي ميٽر لاهور ۾ 05، ڪشمير جي ضلعن ڳڙهي دوپٽه ۾ 11 ملي ميٽر ۽ راولاڪوٽ ۾ 01 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔