زوب ڀرسان پوليس موبائل تي فائرنگ، اي ايس آءِ سميت 3 اهلڪار شهيد

ڪوئٽه: بلوچستان جي علائقي زوب ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اي ايس اءِ سميت دهشتگردي جي انت واري فورس(اي ٽي ايف) جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پوليس موجب زوب ڀرسان پوليس جي گاڏي تي فائرنگ سبب اي ايس آءِ فوت جڏهن ته 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا. فائرنگگ سبب فوت ۽ زخمي اهلڪارن کي فوري طور تي زوب اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي 2 اي ٽي ايف اهلڪار فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ حملي ۾ شهيد اهلڪارن جو انگ 3 ٿي ويو.

شهيد اهلڪارن مان 2 جي سڃاڻپ امير محمد منگل زئي شيراني، شفيق الله جي نالن سان ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔