ميڪ ڊيوائسز ۾ واٽس ايپ استعمال ڪندڙن لاءِ خوشخبري

واٽس ايپ طرفان هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ذريعي ميڪ ڪمپيوٽر لاءِ ايپ ۾ چئنلز ڏسڻ ۽ انهن کي فالو ڪرڻ ممڪن بڻجي ويندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، ميڪ لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ اِهو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، واٽس ايپ جي ميڪ ڊيوائسز لاءِ دستياب ايپ ۾ هنيئر تائين چئنلز ڏسڻ يا انهن کي فالو ڪرڻ ناممڪن هو.
پر نئين فيچر ذريعي واهپيدار اسٽيٽس ٽيب ۾ چئنلز ڏسي سگهندا، ڪمپني طرفان ٽيب جو نالو تبديل ڪري اَپ ڊيٽس ڪيو پيو وڃي.
واهپيدار چئنلز کي ڏسڻ يا فالو ڪرڻ سان گڏوگڏ ڳولي به سگهندا جنهن لاءِ چئنل فلٽرنگ جو آپشن پڻ ڏنو پيو وڃي.
فيچر واهپيدارن لاءِ دلچسپي واري مواد جي ڳولا ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ کين موبائيل ايپ استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
رپورٽ موجب، جيڪي چئنل اوهان موبائيل فون تي فالو ڪري رهيا آهيو ميڪ اَپ ۾ اُهي چئنلز ٻيهر فالو ڪرڻا پوندا.
جئين مٿي لکي چڪا آهيون ته اِهو فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ ڏنو ويو آهي، پر تمام جلد اِهو فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔