ٻين تي الزام هڻڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي زندگي تي ڌيان ڏيو: صنم سعيد

لاهور: پاڪستاني اداڪاره صنم سعيد ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون ۾ گذاريل وقت کي پنهنجي سوشل ميڊيا سرگرمي جو موضوع بنايو. ان دوران هن لاڪ ڊائون ۾ ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو جي معيارن تي شين کي ڳوليندي نظر آئي.

تفصيل موجب ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون دوران معمول واري زندگي متاثر ٿي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مختلف حصن جي رهواسين گهرن تي گهڻو وقت گذارڻ جو موقعو مليو. ڪيترن ئي ماڻهن هن مرحلي کي پنهنجن پيارن سان سٺو وقت گذارڻ جي سهوليت جي طور تي ڏٺو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن هن کي مختلف طريقي سان گذارڻ کي اوليت ڏني. صنم سعيد انسٽاگرام پوسٽ ۾ پنهنجي ڳالهين جي شروعات مسلسل سوالن کان ڪيو ۽ لکيو ته هر شيءَ کي سٺو ڏسڻ جي خواهش کي ڇا ٿيو.؟ پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪيون.

پنهنجي نيتن کي جاچڻ، احساس زنده رکڻ، امن، برداشت ۽ مهرباني جي جذبن کي ڇا ٿيو.؟ انگريزي ۾ ڊگهي پوسٽ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اردو نه لکڻ تي معذرت گهرندڙ فنڪاره صنم سعيد سوالن جو سلسلو ختم ڪيو ته لکيو ته قرنطينه ۾ رهي پان کي بهتر ڪرڻ ۽ تبديلي ڏيکارڻ جي بجاءِ اسان جي اندر خراب ڪيفيتون ٻاهر اچي رهيون آهن.

35 ساله اداڪاره وڌيڪ لکيو آهي ته ٻين جي فڪر ڇڏيو ڪنهن ماڻهو يا موضوع کي ڳولي ان تي حملو ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اچو ته الزامن جي راند کان پري ٿيون ۽ مقابلي جي بجاءِ زندگي جو مزو وٺون. اسان جيڪي هن وقت تائين حياتي ۽ خيريت سان آهيون ان تي  رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪريون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔