والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ 3 نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ نام نهاد سرچ آپريشن دوران ڀارتي فوج جي جارحيت سبب وڌيڪ 3 نوجوان شهيد ٿي ويا.

اهڙي طرح صرف هلندڙ مهيني ۾ شهيد ٿيندڙ نوجوانن جو انگ 21 ٿي ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي شوپيان جي علائقي زين پوره ۾ ڀارتي فوج اچڻ وارن رستن کي بند ڪري گهر گهر تلاشي جي نالي سان بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

ان دوران قابض ڀارتي فوج فائرنگ ڪري 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. شهيد ٿيندڙ نوجوانن جي لاشن کي وارثن جي حوالي نه ڪيو ويو. جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي ۽ پاڙي وارن روڊ کي بلاڪ ڪري ڀارتي فوج جي جارحيت خلاف سخت احتجاج ڪيو.

مظاهرين آزادي ڪشمير جي جدوجهد جي حق ۾ نعرا به هنيا. ڀارت نواز ڪٺ پتلي انتظاميه شهيد ٿيندڙ ڪشميري نوجوانن کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي الزام هنيو ته ٽئي نوجوان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل آپريشن جي دوران مقابلي ۾ ماريا ويا پر وارثن ۽ علائقي جي رهواسين سمورا راز فاش ڪري ڀارتي فوج جي دعويٰ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته هلندڙ مهيني والاريل ڪشمير جي ضلعن شوپيان، پلوامه، پونچ ۽ راجوڙي ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران شهيد ٿيندڙ ڪشميري نوجوانن جو انگ 21 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔