توشه خانه ريفرنس ۾ نوازشريف جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نوازشريف جي گهر جاتي امرا تي ان جي طلبي جي سمن جي تعميل ڪئي وئي هئي پر نوازشريف جي گهر چوڪيدار سمن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عدالت نوازشريف جا ضمانت جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته آصف زرداري جي صرف هڪ ڏينهن جي حاضري کان استشنيٰ جي درخواست منظور ڪئي.

احتساب عدالت آئنده ٻڌڻي تي نوازشريف، آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني، انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي هر حالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ريفرنس جو نقل ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔