موسميات کاتي طرفان معمول کان وڌيڪ مينهن پوڻ جي اڳڪٿي

اسلام آباد: موسميات کاتي طرفان هلندڙ سال مون سون ۾ معمول کان 10 سيڪڙو وڌيڪ مينهن پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

هن سال مون سون دوران ممڪن طور مينهن پوڻ بابت اڳڪٿي ڪندي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هن سال ملڪ ۾ معمول کان 20 سيڪڙو وڌيڪ مينهن پوڻ جا امڪان موجود آهن. 

جاري تفصيل موجب مون سون دوران اوڀر وارن دريائن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي ان کان علاوه وڏن شهرن ۾ به ٻوڏ جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، ان کان علاوه پنجاب جي پهاڙي علائقن ۾ فلش فلڊنگ جا امڪان به نظر اچي رهيا آهن.

موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مون سون دوران آبپاشي ۽ توانائي لاءِ پاڻي ڪافي اچي ويندو پر هيءَ موسم ماڪڙ لاءِ به سازگار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔