سنڌ ۾ ڇهين کان انٽر تائين آن لائن ڪلاس شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: تعليم کاتي جي سيڪريٽري سرڪاري اسڪولن لاءِ آن لائن ڪلاسز شروع ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري طرفان جاري نوٽيفيڪشن موجب ڇهين جماع کان وٺي 12 هين جماعت تائين آن لائن ڪلاسز هوندا.

نوٽيفيڪيشن موجب يونيسيف ۽ مائيڪروسافٽ جي سهڪار سان آن لائن ڪلاس شروع ڪيا ويندا جڏهن ته ان ڏس ۾ 75 ماسٽر ٽرينر استادن کي آن لائن ڪلاسن جي ٽريننگ ڏني ويندي.

سرڪاري اسڪولن ۾ آن لائن ڪلاسن جي اجراءَ بابت جاري نوٽيفيڪيشن ۾ تعليم جي سيڪريٽري سمورن ضلعن جي ڊائريڪٽرن کي 17 جون تائين استادن ۽ شاگردن کي ڊيٽا ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

نوٽيفيڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آن لائبن سيشن لاءِ آءِ ٽي جي ماهرن کي پڻ رکيو پيو وڃي.

ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب سموري ملڪ ۾ تعليمي ادارا گذريل 2 مهينن کان بند پيل آهن ۽ ان جي ڪري امتحان به نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شاگردن جي گذريل سال وارن نتيجن کي سامهون رکي ايندڙ ڪلاس ۾ ترقي ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔