آءِ ايم ايف طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد : عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته آئنده بجٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي.

پاڪستان جو قرض ملڪي معيشتي قدر جو 90 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، ان تناظر ۾ آءِ ايم ايف حڪومت کان خسارو ۽ قرض گهٽ ڪرڻ وارين پاليسين تي گامزن رهڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.

حڪومت خرچ وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ سال کان خالي 67 هزار نوڪريون ختم ۽ گاڏين جي خريداري تي پابندي هڻي سگهي ٿي.

آءِ ايم ايف جو بنيادي مطالبو اهو آهي ته حڪومت پرائمري بجيٽ خساري جي طور تي 184 بلين ڊالر(جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو) جي هدف جو اعلان ڪري.

آءِ ايم ايف جي مطالبي جي برعڪس حڪومت تجويز ڏني آهي ته بجيٽ خساري جو پرائمري هدف جي ڊي پي 1.9 سيڪڙو يعني 875 بلين روپيا رکيو وڃي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته آءِ ايم ايف جي مطابق بجيٽ خساري جو هدف جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو هوندو جڏهن ته وفاقي حڪومت بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 804 سيڪڙو يا 3.9 ٽريلين ڏسي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔