ڪورونا خلاف جنگ ۾ ڊاڪٽر ۽ هيلٿ ڪيئر اسٽاف جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن:وزيراعظم عمران خان

سلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا خلاف جنگ ۾ ڊاڪٽر ۽ هيلٿ ڪيئر اسٽاف جون خدمتون واکاڻ جو ڳيون آهن، سڄي قوم کين خراج تحسين پيش ڪري ٿي.هن چيو ته ماضي ۾ صحت جي شعبي کي نظر انداز ڪيو ويو، جنهن سبب عام ماڻهو کي صحت جي معياري سهولت تائين رسائي ۾ ڏکيائيون پيش اچن پيون. وزيراعظم چيو ته صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو مقصد ملڪ ۾ صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ سڌارن جو مقصد نظام ۾ موجود خاميون ختم ڪرڻ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته صحت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ٽاسڪ فورس وزيرستان ۾ اسپتال جي تجويز تي به غور ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔