سنڌ ۾ ڪورونا جا 1667 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا جا 1667 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 33 هزار 536 ٿي ويو، وائرس وڌيڪ 20 وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ ٽيسٽ جي صلاحيت وڌائي وئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 890 ٽيسٽس ڪيون ويون، وڏي وزير موجب ڪراچي ۾ 13 سئو 11، حيدرآباد ۾ 42، گهوٽڪيءَ ۾ 38، ڪشمور ۾ 38، خيرپور ۾ 25، سکر ۾ 24 ، لاڙڪاڻي ۾ 22، شهيد بينظير آباد ۾ 21، دادو ۽ سجاول ۾ 11-11 نوان ڪيس ظاهر، شڪارپور ۾ 10، بدين ۾ 8، ڄامشورو ۾ 7، سانگهڙ ۾ 5، جيڪب آباد ۾ 3، مٽياري، ميرپور خاص ۽ ٺٽو ۾ وڌيڪ هڪ هڪ شهري ڪورونا جو شڪار ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔