فرانس ۾ عالمي فيفا يوٿ اولمپڪس کيڏندڙ ٺٽي جا رانديگر ڏيهه پهچي ويا، شاندار آڌر ڀاءُ

ٺٽو : فرانس ۾ گذريل هفتي ٿيل عالمي فيفا يوٿ اولمپڪ گيمز ۾ شرڪت بعد ڏيھه پهتل ٺٽي واسي ٽن ٻارڙن ۽ ٻن رانديگرياڻين ايلسا مصطفيٰ، عليشه ۽ رانديگر حسان آڪاش جو مڪلي پهچڻ تي سندن استقبال ڪيو ويو. کين اجرڪون اوڍائي سندن مان ۾ مهراڻ فٽبال ڪلب مڪلي پاران آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي

ان موقعي تي خطاب ڪندي فرانس ۾ اولمپڪ عالمي گيمز ۾ شرڪت بعد واپس پهتل ٻارڙن حسان آڪاش ، ايلسا مصطفيٰ ۽ عليشه ٻڌايو ته انهن فرانس ۾ 35 ملڪن جي 15 سئو ٻارڙن جي موجودگي ۾ نه رڳو پاڪستان جي نمائندگي ڪري ملڪ جو قومي جهنڊو لهرايو،  پر سنڌ جي هزارين سالن جي تھذيب ۽ ثقافت کي به اجاگر ڪيو، ھنن چيو تہ انهن يورپ جي مختلف ملڪن کان پهتل ٻارڙن ۽ رانديگرن کي سنڌي ثقافت اجرڪ اوڍائي کين سنڌ جي عظيم ثقافت ۽ تھذيب بابت آگاهي ڏني جنهن مان هو تمام گهڻو متاثر ٿيا

تقريب کي خطاب ڪندي مھمان خاص صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو ته هي تاريخ ساز گھڙي هڪ دفعو ٻيهر ورجايو ويو آھي جو ماضي جي گادي واري شھر ٺٽي سان تعلق رکندڙ ٽن ٻارڙن فرانس ۾ عالمي فيفا يوٿ اولمپڪ گيمز ۾ شرڪت ڪري وڏو اعزاز ماڻي دنيا آڏو اهو واضع پيغام ڏنو آھي ته سنڌ جي نوجوانن ۽ ڇوڪرن سان گڏ سنڌ جون نياڻيون به تعليم سان گڏوگڏ راندين جي ميدان ۾ اڳتي آھن جن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي، اسان سندن ھمت افزائي ڪندي هتان جي ٽيلنٽ کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاء سندن ھرممڪن مدد ڪندا رھنداسين. تقريب کي رخسانه شاھ، اسپورٽس آفيسر اظھر بروهي، مهراڻ فٽبال ڪلب مڪلي جي اڳواڻ رانديگرن مديحا ناز جاکرو، اطهر نقاش بروهي، اعجاز سهتو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔