ايف بي آر 11 ارب رپين جي ٽئڪس فراڊ جو پتو لڳائي ورتو

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي مدد سان ٽيڪس مشينري سان رجسٽرڊ جعلي ڪمپنين تي ٻڌل 11 ارب رپين جو فراڊ پڪڙي ورتو.

ٻن جعلي ڪمپنين، جنيد امپيڪس ۽ ٽريڊ زون جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي مبينا طور تي سيمينٽ پلانٽس کي ڊيوٽي فري ڪوئلي جي وڪري ۾ ملوث هيون، ٻنهي ڪمپنين مقامي بينڪن ۾ اڪائونٽس به کوليا

ايف بي آر موجب، سيمينٽ فيڪٽرين کي مقامي ڪوئلو پهچائڻ لاءِ جعلي سيل ٽيڪس رسيدون استعمال ڪرڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي، بجلي جي شعبي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوئلو سيمينٽ جي صنعت جو اهم جزو به آهي.

انٽرنل آڊٽ ڊائريڪٽر ان لينڊ روينيو ڪراچي موجب، هنن جوابار خلاف ڪسٽم ۽ ٽيڪسيشن ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي.

سينيئر ٽيڪس آفيسر موجب، اهڙيون وڌيڪ جعلي ڪمپنيون سيمينٽ فيڪٽرين کي ڪوئلي جي سپلاءِ ۾ ملوث آهن. ڪوئلي جي ڊيوٽي فري ڊليوري سان طاقتور ڪاروباري گروپس ۽ ڪٽنب سڀ کان وڌيڪ فائدو وٺندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔