ڪورونا وبا وگهي ملڪ ۾ 67 ڄڻا فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وبا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ وڌندي پئي وڃي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 4.131 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن دوران ستهٺ ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 1688 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 17 هزار 370 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته گڏيل طور تي پنج لک95 هزار 334 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا رڪارڊ 4 هزار 131 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ مريضن جو انگ 80 هزار 463 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 570، سنڌ ۾ 526، خيبرپختونخواهه ۾ 490، بلوچستان ۾ 49، گلگت بلتستان ۾ 12 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 7 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. ڪورونا وائرس جا سڀني کان وڌيڪ مريض سنڌ ۾ آهن جتي گڏيل مريضن جو انگ 31 هزار 86 تائين پهچي ويو آهي.

ان کان علاوه پنجاب ۾ 29 هزار 489، خيبرپختونخواهه ۾ 01 هزار 897، بلوچستان ۾ 4 هزار 740، اسلام آباد ۾ 3 هزار 188، گلگت بلتستان 779 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 284 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 67 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ  سڄي ملڪ ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل انگ هڪ هزار 688 تائين پهچي ويو آهي.

ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون جتي 570 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ 526، خيبرپختونخواهه ۾ 490، اسلام آباد ۾ 34، گلگت بلتستان ۾ 12، بلوچستان ۾ 49 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 7 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔