جهاز حادثو: فوت ٿي ويلن مان92 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي


ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ شهيد ٿي ويل 97 ڄڻڻ مان 92 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته فوت ٿي ويلن جا وارث 89 ڄڻن جا مڙهه وصول ڪري چڪا آهن جنهن کان پوءِ ڇيپا جي مرده خاني ۾ 2 ۽ ايڌي جي مرده خاني ۾ 6 لاش موجود آهن. مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊي اين اي جي ذريعي 53 لاشن جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ 3 لاشن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ٻيهر ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير فوت ٿي ويلن جي وارثن سان هر طرح جو تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي.  ياد رهي ته  22 مئي کان لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام لينڊنگ جي دوران آبادي تي ڪري تباهه ٿي وئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار عملي جي 8 ميمبرن سميت 97 مسافر فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته 2 مسافر معجزاڻي طور تي محفوظ رهيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔