صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ملير:ڪچي آبادي وارو صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب آغا خان اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. صوبائي وزير ڪجهه عرصو پهريان بخار اچڻ بعد ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا پازيٽو اچي وئي هئي. ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد صوبائي وزير پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ٿيڻ بعد وڌيڪ طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. صوبائي وزير جي طبيعت بهتر نه ٿيڻ ڪري کيس آئي سي يو مان وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن ڊاڪٽرن پاران سندس طبيعت ۾ بهتري ٻڌائي وئي هئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته کيس ڪنهن به وقت وينٽيليٽر تان هٽائي ڪمري ۾ منتقل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔