ماڪڙ جو عذاب جاري، نارو سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪٽڪ لٿل

ڪراچي : سنڌ ۾ ماڪڙ جو عذاب جاري، نارو سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل، ماڪڙ وونئڻ، ڪمند ۽ ٻيو فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو، خيرپور، لاڙڪاڻو، نارو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهتل آهن، آبادگار ماڪڙ کي ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا، آبادگارن طرفان حڪومت کان فوري طور تي ماڪڙ مار اسپري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ سبب تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي، حڪومت واهر ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔