منهنجي صحت بهتر آهي: ندا ياسر

ڪراچي: اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ندا ياسر ۽ سندس مڙس سميت سندس ڌيءُ ۾ گذريل مهيني 25 مئي تي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي جڏهن ته سندس مارننگ ۾ شو ۾ شرڪت ڪندڙ اداڪار نويد رضا به وبا سبب متاثر ٿيو هو. اداڪارا دعويٰ ڪئي هئي ته سندس عملي سميت گهر جي ملازمن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ناهي ٿي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان سندس صحت جي حوالي سان افواهه پکڙيا هئا جنهن کانپوءِ ٽي وي ميزبان وضاحت جاري ڪئي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي هن چيو ته منهنجي صحت بهتر آهي ۽ گهرڀاتين سان گڏ پنهنجي گهر ۾ موجود آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔