سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 23 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 23 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون ۽ 14 سئو 39 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 31 هزار 86 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪري پاڻ کي ڪورونا کان بچائي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا نوان انگ اکر جاري ڪندي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 مريض فوت ٿي ويا،جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 526 ٿي ويو. مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا جي ٽيسٽن لاءِ 5 هزار 454 ڄڻن جا سيمپل ورتا ويا، جنهن مان 1439 ڄڻن جون رپورٽس پازيٽو آيون، سنڌ ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ 31 هزار 86 ٿي ويو آهي، اڄ رڳو ڪراچي شهر ۾ 1035 نوان ڪيس سامهون آيا. وڏي وزير چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جا 50، حيدرآباد ۾ 47، سکر ۾ 40، خيرپور ۾ 33، گهوٽڪي ۾ 27، شهيد بينظير آباد ۾ 17، بدين ۾ 15، سانگهڙ ۾ 13، ڄامشوري ۾ 9، قمبر ۾ 6، سجاول ۽ شڪارپور ۾ 5-5 ، جيڪب آباد ۽ دادو ۾ 3-3، ڪشمور ۾ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ عمرڪوٽ ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو . مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 358 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 64 ڄڻا وينٽيليٽر تي آهن، اڄ وڌيڪ 353 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا. سنڌ جي وڏي وزير عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو غلط فائدو نه ورتو وڃي، اپيل آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ماڻهو پاڻ کي قاتل وائرس کان بچائين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔