وزيراعظم عمران خان ڪورونا سبب صنعتن جي زبون حالي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس سبب انڊسٽري جي زبون حالي جو نوٽيس وٺندي صنعتن جي بحالي جو پلان طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان صنعت ۽ پيداوار جي انڊسٽري جي بحالي جو پلان طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته انڊسٽري جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم کي اڄ صنعت واري وزارت ۽ معاشي ٽيم جا ميمبر بريفنگ ڏيندا. جنهن ۾ سمورين صنعتن جي بحالي جو پلان پيش ڪيو ويندو.

ذريعن چيو آهي ته بريفنگ جي دوران وزيراعظم کي ڪورونا سبب متاثر صنعتن کي ڏنل پيڪيج جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن موجب وزيراعظم طرفان بريفنگ کان پوءِ انڊسٽريز بابت اهم فيصلن جا امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔