پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بحال

ڪراچي: سنڌ ۾ لاڪ ڊائون دوران پبلڪ ٽرانسپورٽ تي لڳايل پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بحال ٿي وئي آهي پر ٽرانسپورٽرن طرفان ايس او پيز تي مڪمل طور تي عمل ناهي ٿي رهيو.

سنڌ جي شهرن ۾ اڄ کان پبلڪ ٽرانسپورٽ بحال ٿي ويندي. جڏهن ته ڪراچي جي روڊن تي مختلف روٽس جون گاڏيون هلي رهيون آهن. ٽرانسپورٽرن طرفان ماسڪ پائڻ جي هدايتن تي ڪجهه جڳهين تي عمل نظر آيو آهي جڏهن ته مسافر به بنا ڪنهن ماسڪ جي سفر ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير خبردار ڪيو آهي ته جن گاڏين ۾ ماسڪ، سينيٽائزر نه هوندو انهن کي بند ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔