اڪشي ڪمار جون مسلسل 10 فلمون فلاپ، هڪ هزار ڪروڙ جو نقصان

ممبئي: باليووڊ اسٽار اڪشي ڪمار جي هڪ کانپوءِ هڪ فلم فلاپ ٿيڻ تي پروڊيوسر کي هڪ هزار ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿي ويو آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اڪشي ڪمار جي آخري هٽ فلم 2021ع ۾ رليز ٿيل فلم “سوريا ونشي” هئي جنهن بعد مسلسل 10 فلمون باڪس آفيس تي ناڪام ٿي ويون، رپورٽس ۾ چيو ويو ويو ته رليز ٿيل فلمن ۾ سر ڦرا به ناڪام ٿي وئي، 80 ڪروڙ رپين جي بجيٽ ۾ ٺهيل فلم باڪس آفيس تي رڳو 21 ڪروڙ رپيا ئي ڪمائي سگهي، مسلسل فلاپ فلمن ۾ بچن پانڊي، سمراٺ پرٿوي راج، رڪشا بنڌن، ڪٺ پتلي، رام سيتو، سيلفي ۽ ماءِ گاڊ 2 سميت مشن راني گنج ۽ بڙي ميان ۽ چوٽي ميان شامل آهن، ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اڪشي ڪمار جي فلاپ فلمن سبب 1000 ڪروڙ ڀارتي رپين جو نقصان ٿيو آهي، فلم بڙي ميان ڇوٽي ميان ۾ 250 ڪروڙ ۽ سمراٺ پرٿوي را جي پروڊيوسر کي 150 ڪروڙ ڀارتي رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اڪشي ڪمار جو چوڻ هو ته هر فلم جي پويان جنون ۽ محنت هوندي آهي، ڪنهن به فلم کي ناڪام ٿيندي دل ٽٽي پوندي آهي، اوهان جي وس ۾ رڳو وڌيڪ محنت ڪرڻ آهي، واضح رهي ته اڪشي ڪمار 90 جي ڏهاڪي ۾ به مسلسل 16 فلمون فلاپ ٿيون هيون جنهن بعد ڀارت ئي ڇڏي ويو هو ۽ ڪئنيڊا جي شهريت حاصل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔