شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

 سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ يوسف ڳوٺ کان ٽاور تائين پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

 نئين روٽ 8 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري رهي آهي، چئن ڏينهن اندر نيون بسون اينديون ۽ نوان روٽ شروع ڪنداسين، پيپلز بس سروس مان لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا

 سينيئر صوبائي وزير چيو ته هڪ ليڊر ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 ارب روپيا جمع ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، اهي پئسا ڪٿي آهن؟

ڇا اها رقم سوشل ميڊيا تي ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي؟ يا ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏ ڪيل 5 ارب ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ لاءِ خرچ ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔