جرمني ۾ قومي جهنڊو لاهڻ خلاف وفاقي ڪابينا ميمبرز طرفان حُرمت پرچم مهم شروع

جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملي ۽ قومي جهنڊو لاهڻ خلاف وفاقي ڪابينا جي ميمبرز حُرمتِ پرچم مهم شروع ڪري ڏني

 وفاقي وزيرن قومي جهنڊي سان گڏ ڪڍيل تصويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيون، تصويرن سان گڏ پيغامن ۾ قومي جهنڊي سان محبت جو اظهار

 نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير اويس لغاري، عطا تارڙ ۽ ٻين قومي جهنڊي سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون

 مصدق ملڪ، علي پرويز ملڪ ۽ ڄام ڪمال به قومي جهنڊي ۽ پاڪستان زنده باد جي پيغام سان تصويرون شيئر ڪيون

 گذريل هفتي جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران افغاني مظاهرين پاران هنگامو ڪندي پٿراءُ ڪيو ويو هو، مظاهرين قونصل خاني تان پاڪستان جو قومي جهنڊو به لاهي ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔