بنگلاديش: ڪوٽا سسٽم جي خلاف احتجاج جاري، شاگردن مطالبن جي منظوري لاءِ 2 ڏينهن جو الٽِيميٽم ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا: بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم جي خلاف احتجاج جاري آهي، شاگردن  مطالبن جي منظوري لاءِ حڪومت کي ٻڻ ڏينهن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي.

شاگردن پرامن مظاهرين تي تشدد خلاف وزيراعظم حسينه واجد کان معافي جو پڻ مطالبو ڪيو. مظاهرين 500 کان وڌيڪ گرفتار  ماڻهن جي آزادي، جمعي کان لڳايل ڪرفيو هٽائڻ، انٽرنيٽ ۽ ڪاليج، يونيورسٽيون کولڻ جا پڻ مطالبا ڪيا آهن.

وزيراعظم حسينه واجد صورتحال بهتر ٿيڻ تائين ڪرفيو هٽائڻ کان انڪار ڪندي پرتشدد مظاهرن جو ذميوار اپوزيشن پارٽين کي قرار ڏئي ڇڏيو.

بنگلاديشي حڪومت طرفان مظاهرا روڪڻ لاءِ ٻن ڏينهن کان جاري عام موڪل ۾ به هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. هڪ هفتي کان جاري مظاهرن ۾ هينئر تائين 163 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته سوين زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس خميس کان معطل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔