ايف آءِ اي رئوف حسن جو 10 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهري ورتو

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن جو 10 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهري ورتو.

ايف آءِ اي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن ۽ ڪارڪنن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر رئوف حسن جو 10 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏيڻ جي درخواست ڪندي  چيو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي ڊيوائس هٿ ڪري ورتي آهي، وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پوليس اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽريٽ تي ڇاپو هڻي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن کي گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔